پريل دايو

پريل دايو

پريل دايو

پريل دايو: نوجوان صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو 15 مئي 1971ع تي ڳوٺ نوراجا تعلقي پني عاقل ۾ پورهيت ولي محمد دايي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ مڊل جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪولن مان ، مئٽرڪ پني عاقل ۽ ڪاليجي تعليم گهوٽڪيءَ مان حاصل ڪيائين. ننڍي هوندي کان کيس ادب سان چاهه هو. 1980ع کان ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1984ع کان عبرت مئگزين ۽ نئين زندگيءَ ۾ شاعري ڇپجندي رهيس. ٻارڙن جي تنظيم ساٿي ٻارڙا ۾ شموليت سان تنظيم سازيءَ جو ڏانءُ سکيو. 1986ع کان سنڌي ادبي سنگت پني عاقل شاخ سان وابسته آهي. صحافت دوران روزاني ڪوشش، عوامي آواز سميت ڪيترن اخبارن ۾ ڪم ڪيو اٿس. گذريل 10 سالن دوران سکر ۽ پني عاقل مان مختلف وقتن تي اخبارون ۽ رسالا جاري ڪيائين. هفتيوار ”ڪشش“، ”پنوعاقل ويوز“، ”سهڻي سنڌ“، ”آواز حق“، ٻه ماهي ”ڇانورو“ وغيره جو ايڊيٽر رهيو. سندس ڪلام غلام علي سنديلي، اعجاز ٻرڙي، توفيق عباس ۽ گل بخاري به ڳايو آهي. پني عاقل پريس ڪلب جو ڪيترا ڀيرا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي. پريل دايي جو ٻارن جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ’ٻاتا جنين ٻول‘ ڇپيل آهي، جنهن تي کيس سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ٻاراڻي ادب جو اوارڊ ۽ 2006ع ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري طور ”مڃتا اوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. هو سنڌي ادبي سنگت پني عاقل جو سيڪريٽري ۽ ضلعي سکر جو رابطه سيڪريٽري به رهيو آهي.


لفظ پريل دايوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.05.05  عيسوي

نوجوان صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو 15 مئي 1971ع تي ڳوٺ نوراجا تعلقي پني عاقل ۾ پورهيت ولي محمد دايي جي گهر ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرفراز وسطڙو
لائق سنڌي ٿيٻو
جمال الدين لانگاهه
صديقي الهورايو طارق
طارق عزيز شيخ
اعجاز عليم عقيلي
اسلم خواجا
قاضي اسد عابد
سردار قريشي
الهورايو بوزدار
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون